سرمائيداري نظام

سرمائيداري نظام: يورپ ۾ آيل تجارتي ۽ صنعتي انقلاب هڪ اقتصادي ۽ سياسي نظام کي جنم ڏنو، جنهن کي سرمائيداري نظام يا ڪئپلٽزم Capilatism چئجي ٿو. هي نظام سماجي معاشياتي جوڙجڪ جي لحاظ کان جاگيرداري نظام تي مڪمل طور تي حاوي ٿي ويو. سرمائيداريءَ جو بنياد پيداوار جي تمام ذريعن ۽ وسيلن جي نجي ملڪيت ۽ مزدورن جي پورهئي جي استحصال تي آهي. جيڪو سرمائيدارن ۽ شاهوڪارن جي پيدا ڪيل پورهيت ۽ ڪاريگر طبقي جي وچ ۾ ناڻي واري بد نظمي ۽ بد انتظاميءَ سبب وجود ۾ آيو. تجارتي انقلاب پندرهين صدي عيسويءَ کان 18 عيسوي صديءَ تائين، وچئين دور Medieval time جي ڪار وهنوار مان تبديل ٿي، جديد دور جو عالمي تجارتي نظام اختيار ڪيو. جنهن جي اثر هيٺ سرمائيداري نظام جو بنياد پيو. سرمائيداري نظام هيٺ پيداوار جا ذريعا خانگي مليڪت هيٺ آيا، منافعو لامحدود ٿيو، منافعي جي لاءِ واپارين ۽ سرمائيدارن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي شروع ٿي، سرمائيدارن وڌيڪ نفعو ڪمائڻ لاءِ بهتر ڪارڪردگيءَ تي زور ڏنو ۽ وڌيڪ نفعو ڪمائيندڙ معاشري ۾ وڌيڪ حيثيت جا مالڪ بڻيا. ڪارل مارڪس انهيءَ کي بورزوائي معاشرو سڏيو آهي. اهڙيءَ طرح هو ان معاشري جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته: ”بورزوائي معاشري ۾ سرمايو Capital هڪ آزاد انفرادي شخصيت جو مالڪ آهي، جڏهن ته هڪ زندهه انسان ان جي تابع آهي ۽ سندس ڪابه انفرادي شخصيت نه آهي. “ جان ليوس آمريڪا جو هڪ مزدور اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي تقرير دوران چيو هو ته: ”هتي هن ملڪ ۾ بدترين فاشسٽ اهي آهن، جيڪي فاشزم کي رد ڪندي، آزادي ۽ آئين جي آڙ ۾ ماڻهن کي سرمائيداري نظام جو غلام بڻائن ٿا.“ پروفيسر شمپيٽر جان ليوس جي ڳالهه سان اتفاق ڪندي لکيو آهي ته: ”اهو ممڪن آهي ۽ خود پنهنجي تهذيب جي منطق مطابق آهي ته سرمائيداري نظام سماجي بيچينيءَ کي جنم ڏئي ٿو، ان جو علم فراهم ڪري ٿو ۽ انهيءَ مفاد رکندڙ طبقي جي مالي مدد ڪري ٿو.“
قديم زماني کان وٺي ناڻي جي پيداوار ۽ ان جو حصول سرمائيداري نظام جو بنياد رهيو آهي. ان کان علاوه سماج ۾ سرمائيداريءَ سبب پيدا ٿيندڙ پيداوار جي بد نظمي، مخصوص عرصي بعد ان جو بحران، شديد بيروزگاري، عوام ۾ پيدا ٿيندڙ غربت ۽ مفلسي، دراندازي ۽ جنگيون ان جو اهم جواز رهيا آهن. محنت جي سماجي نوعيت ۽ استحصال جي نجي سرمائيدارانه صورت معاشري جي ٻن وڏن طبقن جي وچ ۾ هميشه اختلاف پيدا ڪيا آهن. يورپ جي سموري تاريخ مزدورن ۽ سرمائيدارانه اختلافن ۽ جدوجهد سان ڀري پئي آهي. يورپ ۾ پيدا ٿيندڙ انقلاب ڪجھه ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ کانپوءِ اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ عروج تي پهتو. يورپ ۾ خاص ڪري انگلينڊ کان سرمائيداري نظام پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويو ۽ ان جو اثر پهرئين عالمي جنگ تائين سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان غالب نظر اچي ٿو. جنهن بعد هن نظريي جي جاءِ ڪميونزم ۽ مازڪسزم ورتي. سرمائيداري جو اصطلاح پهريون ڀيرو ڪارل مارڪس اوڻيهين صديءَ ۾ وسيع معنى جي لحاظ کان استعمال ڪيو هو. ان سان گڏوگڏ غير ڪميونسٽ معيشتن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ پڻ اڪثر ڪري فري انٽر پرائيز (آزاد ڪاروبار) ۽ مارڪيٽ سسٽم جا اصطلاح به استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن مغربي قومن جي ملندڙ جلندڙ معاشي نظام جي گڏيل معيشت جا اصطلاح به لاڳو ٿين ٿا.سرمائيداري نظام جو سڀ کان پهريون خيال ڏيندڙ اولين شخص اسڪاٽس فلسفي ايڊم سمٿ کي قرار ڏنو وڃي ٿو، جنهن پهريون ڀيرو هن نظام جي حق ۾ موجوده معاشي اصول بيان ڪيا هئا، هن پنهنجي ڪتاب ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نجي منافعي کي هن طرح سان جاري رکڻ ممڪن آهي ته نه صرف فرد بلڪه بحيثيت مجموعي معاشري جي مفادن کي به فروغ ملي سگھي. معاشري جا مفاد ماڻهن جي سڀ کان وڌيڪ ڪم ايندڙ شين جي ذريعي پورا ڪري سگھجن ٿا. سمٿ جي هيءَ ڳالهه ڪافي مشهور ٿي ته ذاتي مفاد، نجي ملڪيت ۽ مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪندڙن جو امتزاج پيداڪارن کي اهڙي منزل ڏانهن وٺي ويندو، جيڪا سندن منزل مقصود نه آهي. يعني ان سان معاشري جي ڪائي فلاح يا ڀلائي ٿي نه سگھندي. ويهين صديءَ جي شروع کان سرمائيداري نظام جنگين، انقلابن ۽ معاشي بدحاليءَ جي ور چڙهي ويو. نتيجي ۾ پهرئين جنگ عظيم کانپوءِ روس ۾ انقلاب ۽ مارڪسي ڪميونزم جو بنياد پيو. هن جنگ سبب جرمنيءَ ۾ نازي ازم کي فروغ مليو، جيڪو سرمائيداري ۽ رياستي سوشلزم جو ڳڙهه هو. ٻي جنگ عظيم بعد ڪميونيسٽ معاشي نظامن چين ۽ مشرقي يورپ تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. جڏهن 80ع واري ڏهاڪي ۾ سرد جنگ ختم ٿي ۽ اڳوڻي سوويت بلاڪ جون قومون آزاد ڪاروبار ڏانهن متوجهه ٿي ويون، تڏهن چين مارڪس حڪومت جو واحد مرڪز رهجي ويو. جنهن بعد ڪالونيل ازم جي دور ۾ مارڪسي نظرين کان متاثر چند ترقي پذير قومن پنهنجي پنهنجي مسئلن جي حل خاطر سرمائيداري نظام ۾ ترميمون ڪيون. مغربي يورپ ۽ اتر آمريڪا جي صنعتي جمهوريتن کي سرمائيداري نظام جو 30ع واري ڏهاڪي ۾ سخت چئلينج جو مقابلو ڪرڻو پيو. انهيءَ عرصي دوران سرمائيداري جي اهم ترين واقعن کي برطانوي مشهور معيشتدان جان مينارڊ ڪينز پنهنجي ڪتاب
Interest and Money General Theory of Employment ۾ دانشورانه انداز ۾ تحرير ڪيو آهي. ايڊم سمٿ جي ابتدائي نظرين وانگر جان مينارڊ ڪينز جو فڪر به مغربي جمهوريتن ۾ سرمائيداري جي انداز ۽ عمل سان تمام گھڻو متاثر ٿيل ڏسجي ٿو.


لفظ سرمائيداري نظامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو